پردو پڙدو

پردو پڙدو

پردو پڙدو

پردو/ پڙدو: پوش، ڪپڙي جو ڍَڪُ، دريءَ وغيره کي آڏو ٽنگيل ڪپڙو، منهن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جي چادر، برقعو وغيره.
پردو هڪ قديم سماجي رسم آهي، جنهن ذريعي عورتون پنهنجو جسم ڍڪينديون هيون/ آهن، ته جيئن نامحرم مردن جي نگاهن کان بچي سگهجي.
پردو، اسلام کان اڳ به موجود هو، پر اها ڳالهه اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهي آهي ته پردي جي شروعات ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿي؟ قديم هندستان، يونان، ايران ۽ چين ۾ به پردو مروج هو، بعد ۾ جڏهن مذهبن ۾ اصلاح پسند ترميمون ۽ تبديليون ٿيون ته معاشرتي تبديليءَ مطابق ڪيترن اصولن، قاعدن، ضابطن ۽ اخلاقي پابندين کي بدلايو ويو، ته پردي جو رواج به گهٽ ٿيندو ويو.
اسلام جي اوائلي دور واري معاشري ۾ پردي جي سختيءَ سان پابندي هئي. جسم ڍڪڻ سان گڏ چهرو لڪائڻ لازمي هو ۽ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي منع هوندي هئي، پر اڳتي هلي ان رواج ۾ تبديلي آئي. عورتن جنگين ۽ ٻين معرڪن ۾ به شرڪت ڪئي. اسلامي دور ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
پردي يا حجاب جو بيان، قرآن شريف جي سورة النور ۽ سورة احزاب ۾ موجود آهي. سورة النور جي 30 ۽ 31 آيت ۾ آهي ته: ”چئو ايمان وارن مردن کي ته پنهنجيون نظرون هيٺ رکن ۽ باعصمت رهن. اها انهن لاءِ پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله کي معلوم آهي، جيڪي هو ڪن ٿا ۽ چئو ايمان وارين عورتن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ باعصمت رهن ۽ صرف اهڙي زينت/ آرائش ظاهر ڪن، جيڪا ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچي. (النور 30-31، ترجمو: ’دي گلوريس قرآن‘: پڪٿال).مٿين آيتن ۾ آيل لفظ ’زينت‘ جي معنيٰ ۽ مفهوم تي عالمن ۾ اختلاف موجود آهي. جيئن ته عورتن کي زيب ۽ زينت سان پنهنجي نمائش ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب ڪن عالمن ’گهر اندر رهڻ‘، ته ڪن ’گهر کان ٻاهر پاڻ کي ڍڪڻ‘ ۽ ڪن ’سڄو جسم ڍڪڻ‘ ته ‘ڪن هٿ ۽ منهن کولڻ جي اجازت‘ ورتو آهي.
انهن سمورين اختلافي ڳالهين کي مولانا مودوديءَ هن ريت واضح ڪيو آهي ته:
”اسلامي قانون ۾ پسنديده صورت اها آهي ته هوءَ (عورت) گهر اندر رهي، پر هن باب ۾ زياده سختي ان لاءِ ڪانه ڪئي وئي آهي، جو ڪن حالتن ۾ عورتن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته عورت جو ڪو سرپرست نه هجي، اهو به ممڪن آهي ته خاندان جي محافظ جي مفلسي، روزگار جي تنگي، بيماري، معذوري يا ٻين اهڙن سبب جي ڪري عورت ٻاهر ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. اهڙين سڀني صورتن ۾ شرعي قانون ۾ ڪافي گنجائش رکي وئي آهي.“
حديث ۾ آهي ته: ”توهان پنهنجين ضرورتن لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري سگهو ٿيون.“ انهيءَ ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسلامي قانون آسانيون پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ٻئي طرف وري سورة احزاب مان آيت نمبر 32، 33، 53، 54 ۽ 55 ۾ آيل احڪامن جي باري ۾ پڻ ڪن عالمن جو خيال آهي ته اهي حُڪم نبي سڳوري صلعم جن جي ’ازدواج مطهرات‘ (پاڪ بيبين) لاءِ آهن ۽ اهي حڪم عام عورتن تي لاڳو نه ٿا ٿين.
هڪ حديث ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن مسلمانن کي شاديءَ کان اڳ پنهنجي ٿيڻ واري ڪنوار کي ڏسڻ جي به ڳالهه ڪئي آهي. معنيٰ ته هڪ غير مرد، شاديءَ جي خيال کان به ڪنهن عورت کي ڏسي سگهي ٿو، ته پوءِ پردي جو اهو تصور ڪيئن ٿو لاڳو ٿي سگهي، جنهن ۾ مڪمل طور روڪ هجي.
جيئن ته قرآن ڪريم، الله پاڪ جو ڪلام آهي ۽ عام ماڻهن جو علم ان کي سمجهڻ جي سگهه نٿو رکي، ان ڪري ان جا تفسير مختلف عالم مختلف ڪن ٿا، جيڪي پاڻ به عقلِ ڪُل ناهن ۽ اهي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي پس منظر توڙي پنهنجي فقهي ۽ مسلڪي سوچ موجب تفسير ڪن ٿا. اُنهي ڪري به مونجهارا پيدا ٿين ٿا. ان ڏس ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي لکي ٿو ته:
”خدا تعاليٰ قرآن شريف ۾ صاف صاف چيو آهي ته خدا صرف پاڻ تي ضابطو رکندڙ مردن ۽ عورتن کي پسند ڪري ٿو، پوءِ ڇو نه مردن ۽ عورتن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو خدا تعاليٰ اڳيان پنهنجون لياقتون ۽ خاصيتون ظاهر ڪري سگهن.
[حوالا: (1)Modern Challenges to Muslim Families: by Kausar
Niazi, Shah Muhammad Ashraf, Lahore: 1976,
(2) ’پردو‘: ليکڪ سيد ابوالاعليٰ مودودي. مترجم: سومار علي سومرو،
محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد: 1978.
(3) ’حقوق الزوجين‘: سيد ابوالاعليٰ مودودي، دفتر رساله ترجمان القرآن، لاهور،
(4) اسلام ۾ عورت- علامه آءِ. آءِ. قاضي، رساله’ شاعر‘: جولاءِ- ڊسمبر 1957ع]
جديد دور جي تقاضا اها آهي ته مسلمان ايترو علم حاصل ڪن جو پاڻ قرآن پاڪ پڙهي، سمجهي ۽ اسلام جو صحيح روح ماڻي سگهن. برصغير جي مسلم معاشري ۾ پردي لاءِ عورتون برقعا، چادريون ۽ چادرون اوڍينديون آهن.
هن وقت پردو ’حيا‘ ۽ ’حجاب‘ جي مفهوم تائين محدود ٿي ويو آهي.
مختلف عورتون مختلف نمونن سان پردو ڪن ٿيون. اڄڪلهه اسڪارف ۽ حجاب جو پڻ رواج عام آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو